پٺيءَ جو ڪنڊو

پُٺيءَ جو ڪنڊو (Spinal Column): پُٺيءَ جو ڪنڊو يا ڪرنگهي جو هڏو انساني جسم ۾ سڀ کان وڏو ۽ مضبوط عضوو آهي، جنهن تي جسم جي ٻين هڏين ۽ پڃري جو دارومدار آهي. جوان ماڻهوءَ جي پٺيءَ جي ڪنڊي جي ڊيگهه 27 انچ کن هوندي آهي، ۽ اهو سلسلو 33 هڏين (Cartilageneous discs) تي مشتمل هوندو آهي. جن ۾ 7 ڳچيءَ کي، 12 سيني کي، 5 چيلهه (Lumber Region) کي، 5 پنڊڻن (Sacrum) کي، 9 هڏي جي پڄاڻيءَ واري حصي (Fused) کي سهارو ڏين ٿيون، ان مان سڌي ڏوري نڪرندي آهي، جيڪڏهن ننڍي هوندي ٻار کي غلط طريقي سان هلڻ ڦرڻ ۽ ويهڻ ڏنو ويندو ته سندس پٺيءَ جي هڏيءَ ۾ خرابي پيدا ٿيندي، جنهنڪري هن جو هلڻ چلڻ ڦري سگهي ٿو. انڪري ٻارن جي تربيت ۾ کين سڌي ويهڻ جي هدايت ڪرڻ ضروري آهي.


لفظ پٺيءَ جو ڪنڊوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو